اسڪاٽش چرچ ينٽ ائنڊريوز چرچ

اسڪاٽش چرچ/سينٽ ائنڊريوز چرچ: هيءَ گرجا گهر ڪراچي، صدر ۾ جهانگير پارڪ جي سامهون واقع آهي. هن چرچ جي عمارت انتهائي خوبصورت آهي. هن گرجا گهر جو سنگ بنياد 1867ع ۾ بمبئي فوج جي ڪمانڊر انچيف، سر رابرٽ نيپيئر رکيو. هن گرجا گهر جي ٽاور جي اوچائي 65 فوٽ آهي ۽ هن گرجا گهر جو احاطو ٻن ايڪڙن ۾ پکڙيل آهي، جنهن تي خوبصورت باغ آهي. هن گرجا گهر ۾ 400 ماڻهن جي ويهڻ ۽ عبادت ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو